ميٽا جي چيف ايگزيڪيوٽو مارڪ زڪربرگ آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) ٽيڪنالاجي جي مستقبل بابت وڏي اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته ايندڙ پنجن سالن دوران دنيا جي اربين ماڻهن وٽ پنهنجا ذاتي اي آءِ ايجنٽ هوندا.
ميٽا جي ٽه ماهي آمدني رپورٽ جاري ڪرڻ جي موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته اهو تصور ڪرڻ به ڏکيو آهي ته ايندڙ پنجن سالن ۾ اربين ماڻهو پنهنجا ذاتي اي آءِ ايجنٽ استعمال نه ڪري رهيا هوندا. هن چيو ته اهي اي آءِ ايجنٽ ماڻهن جا مقصد سمجهي سگهندا ۽ سندن طرفان چوويهه ڪلاڪ ڪم به ڪندا.
مارڪ زڪربرگ موجب، ماڻهو اهي اي آءِ ايجنٽ مالي معاملن، صحت، ذاتي لاڳاپن ۽ گهر جي انتظام سميت مختلف ڪمن لاءِ استعمال ڪندا.
هن وڌيڪ چيو ته دنيا اهڙي دور ڏانهن وڌي رهي آهي، جتي هر ماڻهو هڪ کان وڌيڪ اي آءِ ايجنٽ استعمال ڪندو، جڏهن ته واٽس ايپ ۽ ٻيون ميسيجنگ خدمتون وڌيڪ اهم بڻجي وينديون.
سندس چوڻ هو ته واٽس ايپ اڳ ئي ميٽا اي آءِ سان رابطي لاءِ سڀ کان اهم پليٽفارم بڻجي چڪي آهي.
مارڪ زڪربرگ چيو ته رڳو ميٽا ئي نه، پر ٻيون ٽيڪنالاجي ڪمپنيون به اهڙن اي آءِ نظامن تي ڪم ڪري رهيون آهن، جيڪي ماڻهن جي بدران پاڻمرادو مختلف ڪم سرانجام ڏئي سگهن.
هن ٻڌايو ته گوگل به واهپيدارن جي ضرورت موجب اي آءِ ايجنٽ تيار ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي، جڏهن ته ٻيون ڪمپنيون به هن شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيون آهن.
مارڪ زڪربرگ موجب، ميٽا پاران تيار ڪيل اي آءِ ايجنٽ ايندڙ نسل جي ٽيڪنالاجي شين جو بنياد بڻجندا ۽ ايندڙ سالن ۾ ڪمپني جي آمدني ۾ نمايان واڌ جو سبب پڻ بڻبا.