ڪاڪروچ گڏ ٿيا ته سڄو نظام اونڌو ڪري ڇڏيندا: محسن نقوي جي خبرداري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزير داخلا محسن نقوي اسلام آباد ۾ پاڪستان جي پهرين اڪنامڪ سمٽ جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته نوجوانن کي ٻه چار هزار ٽيبلٽس ڏيڻ يا ڪجهه هزار رپين جو وظيفو ڏيڻ سان اهو نظام ٺيڪ نٿو ٿي سگهي.

هن زور ڏيندي چيو ته نوجوانن کان اهو پڇڻ گهرجي ته اهي ڇا چاهين ٿا ڇو ته اهي صرف هڪ ئي مطالبو ڪن ٿا ته نظام کي درست ڪيو وڃي، انهن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي، ميرٽ جي بنياد تي موقعا ڏنا وڃن ۽ جائز طريقي سان روزگار جا موقعا مهيا ڪيا وڃن.

هن اعتراف ڪيو ته اسان نوجوانن لاءِ اهو سڀ ڪجهه نٿا ڪريون ۽ نوجوانن جي آواز کي ٻڌڻ اسان سڀني جو فرض آهي.

پنهنجي خطاب ۾ هن وڌيڪ چيو ته ڀلي انهن کي نوجوان چيو وڃي، ڪاڪرچ چيو وڃي يا ڪنهن ٻي نالي سان سڏيو وڃي، هو هڪ ڳالهه سڀني کي واضح ڪري ڇڏڻ چاهين ٿا ته جيڪڏهن اهي ڪاڪرچ گڏ ٿي ويا ته اهي هر شيءِ کي اُلٽو ڪري سگهن ٿا.

You might also like