ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز ۽ سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ اڳوڻي ٽوئيٽر ۽ هاڻوڪي ايڪس تي لفظن جي ڏي وٺ ڪئي آهي.
آزاد ڪشمير ۾ چونڊن جي حوالي سان پيپلزپارٽي طرفان دانڌلي جا الزام هنيا ويا آهن جڏهن ته روايتي طور ن ليگ پنهنجي فتح کي عوامي مينڊيٽ قرار ڏئي رهي آهي.
عوامي جلسن ۾ ن ليگ قيادت ۽ پيپلزپارٽي قيادت چونڊن جي حوالي سان هڪٻئي تي لفظي گولاباري ڪئي پئي وڃي.
پنجاب جي وڏي وزير پيپلزپارٽي تي تنقيد ڪندي پنهنجي ايڪس اڪائونٽ تي لکيو آهي ته ” پيپلزپارٽي دانڌلي جي ڳجهي واردات جي ماهر آهي، اها ئي دانڌلي تي پٽڪو ڪري رهي آهي، قيامت ڪائين وڳي ايندي؟
اهڙي ٽوڪ واري موقف تي پيپلزپارٽي جي اڳواڻ شرجيل ميمڻ به فوري طور تي مريم نواز کي جواب ڏيندي لکيو آهي ته ” اهي توهان نه فارم 47 جو نشو ٿو ڳالهائي، قيامت 2024ع ۾ اچي وئي هئي، جڏهن عوامي مينڊيٽ خيرات ۾ ورهائجي پيو“.