پاڪستان ۾ ٽيلينٽ آهي نه ئي معيار، موجودا ٽيم ۾ عالمي ٽيمن سان مقابلي جو ٻل ئي ناهي: عبدالرئوف خان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ويسٽ انڊيز هٿان پهرين ٽيسٽ ۾ شڪست کانپوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ تي هڪ ڀيرو ٻيهر ڇتي تنقيد ٿي رهي آهي
اڳوڻي فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽر عبدالرئوف خان سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ جي موجوده نظام، سليڪشن ڪميٽي ۽ ڪوچنگ اسٽاف تي سخت تنقيد ڪئي آهي.
عبدالرئوف خان جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ مڪمل طور تباهي جي ڪنڌي تي پهچي چڪي آهي ۽ موجوده ٽيم وٽ ڪنهن به عالمي ٽيم سان مقابلو ڪرڻ لاءِ نه گهربل صلاحيت آهي ۽ نه ئي معياري ٽيلينٽ.
هن الزام لڳايو ته سليڪشن ڪميٽي نااهل ماڻهن تي ٻڌل آهي، جڏهن ته اڻ تجربيڪار ۽ نان پروفيشنل ڪوچنگ اسٽاف ٽيم کي وڌيڪ زوال ڏانهن وٺي وڃي رهيو آهي.
اڳوڻي ڪرڪيٽر وڌيڪ چيو ته موجوده انتظاميا وٽ نه نوجوان رانديگرن جي صحيح رهنمائي ڪرڻ جي ڄاڻ آهي ۽ نه ئي پاڪستان ڪرڪيٽ جي بهتري لاءِ ڪا واضح ۽ اثرائتي حڪمت عملي موجود آهي.

You might also like