ايران جا مفاد عراق کان اڳ! عراقي وزير جو ترڪيه سان معاهدي تي صحيح ڪرڻ کان انڪار

انقرا ۾ عراق ۽ ترڪي وچ ۾ اهم ڊولپمينٽ روڊ پروجيڪٽ بابت معاهدي جي صحيحن واري تقريب دوران اوچتو رڪاوٽ پيدا ٿي وئي، جڏهن عراقي ٽرانسپورٽ واري وزير رزاق السعداوي مبينا طور معاهدي تي صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪيو، جنهن کانپوءِ عراقي وزيراعظم علي الزيدي کي پاڻ مداخلت ڪرڻي پئي.

اهو واقعو اڱاري ڏينهن پيش آيو، جڏهن وزيراعظم علي الزيدي پنهنجي وفد سان گڏ ترڪي جي صدارتي محل ۾ صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات ڪئي، جتي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۽ ٻين اهم معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي.

اڳواڻن جي ملاقات ۽ ٻنهي ملڪن جي وفدن وچ ۾ ڳالهيون مڪمل ٿيڻ کانپوءِ مختلف معاهدن تي صحيحن لاءِ تقريب ڪوٺائي وئي. پهريون معاهدو تعليم ۽ تعليمي سهڪار بابت هو، جنهن تي ترڪي جي پوليس اڪيڊمي جي سربراهه مراد بلگي ۽ عراقي هٿياربند فوج جي چيف آف اسٽاف جنرل عبدالأمير شماري صحيون ڪيون.

تقريب دوران ان وقت غير يقيني صورتحال پيدا ٿي، جڏهن ڊولپمينٽ روڊ منصوبي سان لاڳاپيل اهم معاهدي تي صحيح نه ٿي سگهي. ترڪي ميڊيا موجب صدر اردوان اها ڳالهه محسوس ڪندي سوال ڪيو ته ڇا پنج معاهدا نه ٿيڻا هئا؟ جنهن کانپوءِ هن پرڏيهي وزير هاڪان فيدان کي اسٽيج تي گهرايو.

ان دوران وزيراعظم علي الزيدي پنهنجي ٽرانسپورٽ واري وزير رزاق السعداوي کان دير جو سبب پڇيو. ٻنهي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن دوران السعداوي چيو ته هو ان بابت واٽس ايپ ذريعي آگاهه ڪندو، پر وزيراعظم کيس فوري طور معاهدي تي صحيح ڪرڻ جي هدايت ڪئي. مترجم ذريعي ترڪي جي صدر کي پڻ ٻڌايو ويو ته معاهدي تي صحيح ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو آهي.

ان کانپوءِ آخرڪار معاهدي تي صحيون ڪيون ويون ۽ تقريب اڳتي وڌي.

ترڪي ميڊيا موجب ان دير جو سبب عراق اندر سياسي اختلاف هئا، ڇاڪاڻ ته رزاق السعداوي جو تعلق بدر تنظيم سان ٻڌايو وڃي ٿو، جيڪا ايران جي ويجهي سمجهي ويندي آهي، جڏهن ته ڪجهه ايران نواز ڌڙا هن منصوبي جي مخالفت ڪن ٿا، ڇاڪاڻ ته سندن خيال موجب ان سان علائقي ۾ ايران جي ٽرانزٽ اهميت گهٽجڻ ۽ عراق اندر ان جي سياسي ۽ اقتصادي اثر رسوخ ۾ گهٽتائي اچي سگهي ٿي.

ڊولپمينٽ روڊ پروجيڪٽ عراق جي وڏن بنيادي ڍانچي وارن منصوبن مان هڪ آهي، جنهن جو مقصد خليج فارس ۾ قائم گرينڊ فاو بندرگاهه کي ترڪي سان ريلوي ۽ شاهراهن جي گڏيل نظام ذريعي ڳنڍڻ آهي ته جيئن ايشيا ۽ يورپ وچ ۾ هڪ نئون واپاري رستو قائم ٿي سگهي.

بغداد ۽ انقرا هن منصوبي کي علائقي ۾ واپار جي واڌ، عراق جي معيشت کي وڌيڪ گهڻ رخو بڻائڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي اقتصادي سهڪار کي مضبوط ڪرڻ لاءِ هڪ اهم ۽ حڪمتِ عملي وارو قدم قرار ڏين ٿا.

You might also like