اسرائيلي بچاءَ واري وزير اسرائيل ڪاتز ڏکڻ لبنان جي 24 ڳوٺن کي مڪمل طور تباهه ڪرڻ جو کليل اعتراف ڪيو آهي.
اسرائيلي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ هن چيو ته لبنان جا سوين سال پراڻا 24 ڳوٺ مڪمل طور ڊاهي پٽ ڪيا ويا، جتي لڳ ڀڳ 15 کان 20 هزار گهر موجود هئا.
هن وڌيڪ چيو ته بنت جبيّل به مڪمل تباهه ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڏکڻ لبنان جو 700 چورس ڪلوميٽر علائقو اسرائيلي فوج جي قبضي ۾ آهي.