وفاقي سماجي تحفظ وارن پروگرامن ۾ 14 ارب رپين کان وڌيڪ مالي بي ضابطگين جو انڪشاف ٿيو آهي.
بينظير انڪم سپورٽ پروگرام، پاڪستان بيت المال، ايمپلائز اولڊ ايج بينيفٽس انسٽيٽيوشن ۽ وزارتِ غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ ۾ مالي بي قاعدگين ۽ ڪمزور ڪنٽرول سسٽم جي نشاندهي ڪئي وئي آهي.
تفصيلن موجب سماجي تحفظ وارن پروگرامن جي تازي آڊٽ دوران مالي سال 2024-25ع ۾ وفاقي سماجي ڀلائي ۽ سوشل سيفٽي نيٽ پروگرامن ۾ مجموعي طور 14 ارب رپين کان وڌيڪ مالي بي ضابطگين جو انڪشاف ٿيو آهي.
مالي سال 2025-26ع لاءِ آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جي آڊٽ رپورٽ ۾ اهم سرڪاري ادارن جو جائزو ورتو ويو، جن ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام، پاڪستان بيت المال، ايمپلائز اولڊ ايج بينيفٽس انسٽيٽيوشن ۽ وزارتِ تخفيفِ غربت ۽ سماجي تحفظ شامل آهن.