ڪراچي ۾ پينو فقيرن جو انگ جيلن جي گنجائش کان به گهڻو آهي: ايڊيشنل آءِ جي جو انڪشاف

ڪراچي (ع آ ڊاڪٽ پي ڪي) ايڊيشنل آئي جي ڪراچي آزاد خان ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي دوري جي موقعي تي پنهنجي خطاب ۾ شهر ۾ پينو فقيرن جي مسئلي تي ڳالهائيندي انڪشاف ڪيو ته ڪراچي ۾ پنندڙن جو انگ اسان جي جيلن ۾ قيدين جي گنجائش کان به وڌيڪ ٿي چڪو آهي.

هن چيو ته گرفتارين کانپوءِ سڀ کان وڏو مسئلو انهن پينو فقيرن کي رهائڻ جي جڳهه جو هوندو آهي، تنهن هوندي به انهن سڀني مشڪلاتن ۽ محدود وسيلن جي باوجود پوليس پيشيوراڻي پينو فقيرن خلاف لڳاتار ايڪشن وٺي رهي آهي.

You might also like