اسلام آباد(شهزاد ملڪ)آزاد ڪشمير جي قانون ساز اسمبلي جون چونڊون شيڊول موجب 27 جولاءِ تي ٿي رهيون آهن. پر اڃا تائين اتي ڪيترن ئي تڪن ۾ غير يقيني واري صورتحال پيدا ٿيل آهي. هنڌ مظفرآباد جي دوري دوران بي بي سي ڏٺو ته ماڻهو نه ته پنهنجي اميدوار جي کلي ڪري حمايت ڪن ٿا ۽ نه ئي ڪالعدم قرار ڏنل تنظيم ”جمو ڪشمير جوائنٽ عوامي ايڪشن ڪميٽي“ پاران ڏنل ڌرڻي ۽ احتجاج جي مخالفت ڪن ٿا، ماڻهن جي اڪثريت جي عدم دلچسپي ۽ کلي ڪري حمايت نه هجڻ جي ڪري اميدوار گهرن جي ڊرائنگ رومن جهڙين ننڍين جڳهين تي پنهنجي چونڊ مهم هلائڻ تي مجبور آهن. 45 تڪن مان ڪشميري مهاجرن لاءِ مخصوص 12 تڪ اهڙا آهن،جن جي مخالفت ڪالعدم عوامي ايڪشن ڪميٽي پاران ڪئي پئي وڃي. اهو انهن مطالبن ۾ شامل آهي جنهن جي حق ۾ هن تنظيم 15 جولائي تي راولاڪوٽ کان مظفرآباد ڏانهن لانگ مارچ جو اعلان ڪري رکيو هو.هن صورتحال ۾ سياسي پارٽين جا اميدوار پاڪستان ۾ موجود پنهنجي مرڪزي قيادت ڏانهن ڏسي رهيا آهن ته اهي پاڪستان جي انتظام هيٺ ڪشمير ۾ اچن ۽ جلسا ڪري کين ”سياسي طور تي ريسڪيو ڪن، مظفرآباد شهر جي مارڪيٽن جي دوري دوران بي بي سي ڪيترن ئي ماڻهن سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر انهن مان اڪثريت اليڪشن بابت ڳالهائڻ لاءِ تيار نه هئي. ڪشمير ۾ انٽرنيٽ بند آهي،ماڻهن جو چوڻ هو ته پاڪستان جي انتظام هيٺ ڪشمير ۾ هن وقت حالتون اهڙيون آهن جو ”هڪ طرف باهه آهي ته ٻئي طرف کاهي آهي عوامي ايڪشن ڪميٽي پنهنجن ڪارڪنن سميت راولاڪوٽ جي مقام تي ڌرڻو هڻي ويٺي آهي ۽ ان تنظيم جي قيادت جو چوڻ آهي ته هنن پنهنجن مطالبن جي حل لاءِ مقامي حڪومت کي 21 جولاءِ تائين جي مهلت ڏئي رکي آهي ۽ جيڪڏهن سندن مطالبا پورا نه ٿيا ته اهي مظفرآباد ڏانهن ٻيهر مارچ جي ڪال ڏيندا. هڪ شخص نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي بي بي سي کي ٻڌايو ته جيڪڏهن هو اڪيلو هجي ها ته ان صورتحال بابت ضرور بيان ڏئي ها ته ڪير حق تي آهي ۽ ڪير غلط، پر کيس پنهنجي پاڻ کان وڌيڪ اها فڪر آهي ته ڪٿي سندس هڪ بيان جي ڪري سندس زال ۽ ٻار ڪنهن مشڪل ۾ نه پئجي وڃن.هڪ اميدوار جي ڪجهه گاڏين تي ٻڌل ريلي جڏهن رستي تان گذري رهي هئي ته رستي جي ڪناري بيٺل ڪجهه نوجوان وڏي آواز ۾ ”سهولت ڪار، سهولت ڪار“ جا نعرا لڳائي رهيا هئا.پاڪستان جي ٻن وڏن سياسي پارٽين، جن ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي شامل آهن، جي قيادت پاڪستان جي انتظام هيٺ ڪشمير ۾ ڪجهه متحرڪ ضرور ٿي آهي پر ان جي باوجود اتي اليڪشن جو ماحول نظر نه پيو اچي. ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي شايد هتي اڃا اليڪشن نه ٿئي ۽ معاملن جي حل ٿيڻ تائين ڪو عبوري سيٽ اپ قائم ڪيو وڃي، مسلم ليگ نواز جي اڳواڻ رانا ثناءُ الله ۽ وفاقي وزير امير مقام، خواجه سعد رفيق ۽ عابد شير علي پڻ پونڇ ڊويزن ۾ ڪو وڏو جلسو ڪرڻ بدران ڪارنر ميٽنگز تي ئي گذارو ڪيوجڏهن ته پي ٽي آئي قيادت ڪالعدم عوامي ايڪشن ڪميٽي جي مطالبن جي حمايت ڪري رهي آهي. واضح رهي ته راولاڪوٽ ۾ ڪشمير جي قانون ساز اسمبلي جون پنج سيٽون آهن.ڪمشنر پونڇ ڊويزن سردار وحيد خان جو چوڻ آهي ته انهن پنجن تڪن ۾ چونڊ مهم نه پئي هلائي وڃي، جنهن جو بنيادي سبب امن امان جي خراب صورتحال آهي. صحافي ۽ تجزيه نگار حامد مير جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي انتظام هيٺ ڪشمير ۾ عوامي ايڪشن ڪميٽي جو موقف ان حد تائين مقبول ٿي چڪو آهي جو ان کي طاقت جي ذريعي دٻائڻ جي باوجود گهربل نتيجا حاصل نه پيا ٿين. هن دعويٰ ڪئي ته جيڪا سياسي پارٽي ڪالعدم قرار ڏنل تنظيم جي موقف کان هٽي ڪري پنهنجو بيانيو پيش ڪري ٿي، ان کي عوام ۾ پذيرائي نه پئي ملي. حامد مير جو چوڻ هو ته هن ڀيري ماڻهو سياسي پارٽين جي منشور ڏانهن ڌيان ئي ناهن ڏئي رهيا.هن چيو ته پاڪستان جي انتظام هيٺ ڪشمير ۾ (ان وقت جي حوالي سان) پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت آهي ۽ سندس معلومات موجب ان پارٽي جي قيادت ڪشمير ۾ چونڊون نه پئي چاهي، ان ڪري هنن امن امان جي صورتحال جو معاملو سامهون رکي چونڊن جي شيڊول کي اڳتي وڌائڻ جو مطالبو ڪيو هو. هن چيو ته مسلم ليگ نواز جي حڪومت جو موقف آهي ته ڪشمير ۾ چونڊون وقت تي ٿيڻ گهرجن.