ايبٽ آباد(عوامي آواز نيوز)پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي مڙس ڪيپٽن(ر)صفدر چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان ديني عالم آهي،مان هن جي عزت ۽ احترام ڪريان ٿو،هو منهنجي والد جي جاءِ تي آهي،ايبٽ آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته فضل الرحمان بابت عائشه گلالئي نالي عورت جيڪا زبان استعمال ڪئي آهي اها مذمت جوڳي آهي،هن کي معافي وٺڻي گهرجي،عائشه گلالئي اها عورت آهي جنهن ڪنهن زماني ۾ عمران خان خلاف ڳالهيون ڪيون هيون، هن چيو ته فضل الرحمان ۽ صاحبزاده اويس نوراني کي هر دور ۾ اهي مشڪلات هونديون ڇو ته اهي دين جي راهه تي آهن،فضل الرحمان کي رنجيده نه ٿيڻ گهرجي،هن چيو ته مولانا فضل الرحمان خلاف مهم پٺيان قادياني گروپ جو هٿ آهي ،هن چيو ته هن ملڪ ۾ ڪيترا ڀيرا آئين ٽٽو آهي،ڇا ٿيو؟ترميمون ٿيون،ڇا ٿيون،عمران خان،فضل الرحمان ۽ آصف زرداري سان سياسي اختلاف ٿي سگهي ٿو پر ڪردارڪشي نه ڪرڻ گهرجي،اسان کي سياست ۾ اهو معيار قائم ڪرڻ گهرجي،هن چيو ته آزاد ڪشمير ۾ ن ليگ کي ووٽ ملندا،عليم خان روڊن تي ڌيان سياست ۾ گند نه ڪري، هن چيو ته گلگت بلتستان ۾ آزاد اميدوارن کي استحڪام پاڪستان پارٽي ۾ ويهاريو ويو،ان طرح جمهوريت نه هلندي،اسان آزاد ڪشمير ۾ ايڪشن ڪميٽي سان به ويهي ڳالهيون ڪنداسين،استحڪام پاڪستان پارٽي جو چڪر ختم ڪرڻ گهرجي،آزاد ڪشمير ۾ ڌانڌلي ٿي ته خاموش نه ويهنداسين،هن چيو ته آصف علي زرداري ناٺين جو چيئرمين آهي،مان جنرل سيڪريٽري آهيان،خواجا آصف بلاول جي چاچي جو رتبو رکي ٿو،