اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)موسمياتي تبديلي جا وڌندڙ اثر پاڪستان جي غذائي تحفظ لاءِ هڪ وڏو چئلينج بڻجي رهيا آهن.مسلسل وڌندڙ گرمي پد، غير معمولي برساتن، ٻوڏن، ڏڪار ۽ پاڻي جي کوٽ سبب اهم فصلن، خاص طور تي ڪڻڪ ۽ چانور جي پيداوار متاثر ٿيڻ جو خدشو وڌي ويو آهي.موسمياتي جائزي موجب پاڪستان ۾ گرمي پد عالمي سراسري شرح کان وڌيڪ تيزي سان وڌي رهيو آهي، جنهن سبب زرعي شعبي تي شديد دٻاءُ پئجي رهيو آهي.زراعت نه رڳو ملڪ جي معيشت جو اهم ٿنڀو آهي، پر لکين ڳوٺاڻن خاندانن جي روزگار جو بنيادي ذريعو پڻ آهي.موسمياتي تبديلي واري وزارت جي ميڊيا ترجمان محمد سليم شيخ چيو ته موسمياتي تبديلي هاڻي صرف ماحولياتي مسئلو نه رهي آهي، پر اها پاڪستان جي قومي غذائي تحفظ جو به اهم مسئلو بڻجي چڪي آهي.سندس چوڻ هو ته وڌندڙ گرمي جون لهرون، ٻوڏون ۽ ڏڪار فصلن جي پوک ۽ پيداوار جي چڪر کي سخت متاثر ڪري رهيا آهن، جنهن سبب مستقبل ۾ غذائي تحفظ بابت خدشا وڌي رهيا آهن.