نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪار پرڪاش راج حڪومت خلاف ڪاڪروچ جنتا پارٽي جي احتجاج تي بالي ووڊ فنڪارن جي خاموشي تي تنقيد ڪئي آهي.
پرڪاش راج هڪ ڀيرو ٻيهر ڪاڪروچ جنتا پارٽي ۽ سماجي ڪارڪن سونم وانگچڪ سان ايڪي جو اظهار ڪندي مارچ دوران ڀارتي آئين جي ڪاپي هٿ ۾ کڻي احتجاج ڪندڙن جي حمايت ڪئي.
هڪ انٽرويوءَ دوران اداڪار بالي ووڊ جي خاموشي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته جيڪي ماڻهو آواز اٿارين ٿا، دنيا ڏسي رهي آهي ته ڪير عوام سان گڏ بيٺو آهي.
جڏهن کانئس پڇيو ويو ته ڇا هو فلم انڊسٽري جي ردعمل مان مطمئن آهي، ته هن چيو ته اهو خوش يا ناخوش ٿيڻ وارو معاملو ناهي، پر اهڙا موقعا ماڻهن جي اصل چهرو وائکو ڪن ٿا.
پرڪاش راج وڌيڪ چيو ته اهڙيون تحريڪون ٻڌائين ٿيون ته ڪير ايماندار آهي ۽ ڪير عوام سان گڏ بيهڻ جو ٻَلُ رکي ٿو، ڪيترن ئي ماڻهن وٽ مضبوط آواز ۽ وڏو پليٽ فارم آهي، ڪاش هو اهڙن موقعن تي ان جو استعمال ڪن ها، جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته عوام پنهنجو فيصلو پاڻ ڪندو.
اداڪار چيو ته جڏهن مستقبل ۾ تاريخ لکي ويندي ته غلطي ڪندڙن کي شايد معاف ڪيو وڃي، پر خاموش رهندڙن کي ڪڏهن به معاف نه ڪيو ويندو.
واضح رهي ته پرڪاش راج گذريل ڪجهه هفتن کان شاگردن جي اڳواڻي ۾ ٿيندڙ احتجاج ۽ سونم وانگچڪ جي بک هڙتال جي مسلسل حمايت ڪندو رهيو آهي.
هن سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي احتجاج جون وڊيوز ۽ تصويرون پڻ شيئر ڪيون، جن ۾ هو احتجاج ڪندڙن کي خطاب ڪندي ۽ سونم وانگچڪ سان گڏ نظر اچي رهيو آهي.
هن احتجاج ۾ اداڪارا شبانه اعظمي ۽ پونم پانڊي پڻ شرڪت ڪئي، جڏهن ته رتڪ روشن، وشال دادلاڻي، سوناڪشي سنها ۽ چنمئي سري پادا سميت ڪيترن ئي فنڪارن سوشل ميڊيا تي سونم وانگچڪ سان ايڪي جو اظهار ڪري چڪا آهن.
ڀارت ۾ ڪاڪروچ جنتا پارٽي خلاف ڪارروائي، تاريخ خاموش رهندڙن کي ڪڏهن به نه بخشيندي: پرڪاش راج
You might also like