ڪراچي (ويب ڊيسڪ) حڪومت نيشنل سيونگز اسڪيمن تي منافعي جي شرح گهٽائي ڇڏي آهي.
قومي بچت اسڪيمن بابت جاري ڪيل پڌرائي موجب، بهبود سيونگز ۽ پينشنرز بينيفٽ اڪائونٽ تي ساليانو منافعو 12.96 سيڪڙو مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ريگيولر انڪم سرٽيفڪيٽ تي ماهوار منافعي جي شرح 11.52 سيڪڙو ڪئي وئي آهي.
پڌرائي موجب، هاڻي ريگيولر انڪم سرٽيفڪيٽ ۾ هڪ لک رپين جي سيڙپڪاري تي هر مهيني 960 رپيا منافعو ملندو.
ان کانسواءِ اسپيشل سيونگز سرٽيفڪيٽ تي پهرين ڇهن مهينن لاءِ 11.2 سيڪڙو ۽ آخري ڇهن مهينن لاءِ 12.6 سيڪڙو منافعو مقرر ڪيو ويو آهي.
پڌرائي ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته شهدا فيملي ويلفيئر اڪائونٽ تي به ساليانو منافعي جي شرح 12.96 سيڪڙو مقرر ڪئي وئي آهي.
You might also like