”مان ڪجهه ڪيو ئي ناهي“ صنم جنگ تي پاڪستان ايندي مهيني ۾ 6 ڀيرا ڏنڊ

پاڪستاني شوبز جي مشهور ميزبان ۽ اداڪارا صنم جنگ جو چوڻ آهي ته مٿس هڪ مهيني دوران 6 ڀيرا ڊرائيونگ جا چالان ٿي چڪا آهن، جن مان ڪجهه اهڙين ڳالهين تي به ٿيا جيڪي هن ڪيون ئي نه هيون.

صنم جنگ فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي آهي، جنهن ۾ هن ڪراچي ۾ اي چالان نظام لاڳو ٿيڻ کانپوءِ پيش ايندڙ مسئلن بابت ڳالهايو آهي.

هن ٻڌايو ته هڪ مهيني اندر 6 چالان ٿيڻ تي سندس والد تمام گهڻو ناراض آهن.

اداڪارا چيو ته پهريون چالان موبائل فون تي ڳالهائڻ سبب ٿيو، جيڪو سندس غلطي هئي. هن چيو ته هوءَ فون تي ڳالهائي رهي هئي، تنهنڪري چالان ٿيڻ سمجهه ۾ اچي ٿو، پر ان کانپوءِ اهڙين ڳالهين تي به چالان ٿي رهيا آهن جيڪي هن ڪيون ئي ناهن، جيئن سيٽ بيلٽ نه پائڻ تي چالان.

صنم جنگ ٻڌايو ته هوءَ هميشه سيٽ بيلٽ ٻڌندي آهي، ڇو ته پاڪستان کان ٻاهر رهڻ سبب اها سندس عادت بڻجي وئي آهي. هن چيو ته هوءَ سيٽ بيلٽ پائڻ کانپوءِ ئي گاڏي هلائڻ شروع ڪندي آهي.

هن وڌيڪ چيو ته هاڻي کيس سمجهه ۾ نٿو اچي ته معاملو ڇا آهي، جو جيڪو ڪم ماڻهو ڪيو ئي ناهي ان تي به ڏنڊ لڳي رهيو آهي، ۽ مٿان وري گهر ۾ الڳ کان ڇڙٻون به کائڻيون پئجي رهيون آهن.

You might also like