سنڌ ۾ هربل دوائن ۽ سرنجن جا نمونا غير معياري ۽ جعلي قرار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سنڌ ڊرگ ٽيسٽنگ ليبارٽري مختلف ايلوپيٿڪ ۽ هربل دوائن سميت سرنجن جا 79 نمونا غير معياري ۽ جعلي قرار ڏئي ڇڏيا.

سنڌ ڊرگ ٽيسٽنگ ليبارٽري مختلف ايلوپيٿڪ ۽ هربل دوائن ۽ سرنجن جا 79 نمونا غير معياري ۽ جعلي قرار ڏئي ڇڏيا آهن.

سنڌ ڊرگ ٽيسٽنگ ليبارٽري جنوري کان 13 جولاءِ تائين ورتل دوائن ۽ سرنجن جي نمونن بابت ٽيسٽنگ رپورٽ جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته 2 هزار 461 نمونن مان 79 نمونا مقرر معيار موجب نه هئا.

رپورٽ موجب 30 آٽو ڊس ايبل سرنجون غير معياري ۽ جعلي مليون آهن. آٽو ڊس ايبل سرنجون رڳو هڪ ڀيرو استعمال لاءِ هونديون آهن، پر فراهم ڪيل ڪجهه سرنجون مڪمل طور آٽو ڊس ايبل نه آهن، جنهن سبب انهن جي ٻيهر استعمال ٿيڻ جو خدشو آهي.

سنڌ ڊرگ ٽيسٽنگ ليبارٽري جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر سيد عدنان رضوي موجب هڪ ئي سرنج مختلف مريضن تي استعمال ڪرڻ سان انفيڪشن پکڙجڻ ۽ علاج متاثر ٿيڻ جو خطرو وڌي وڃي ٿو، جڏهن ته معياري آٽو ڊس ايبل سرنجن جي استعمال سان ايڇ آءِ وي، هيپاٽائٽس ۽ رت وسيلي منتقل ٿيندڙ بيمارين جي پکڙجڻ کان بچي سگهجي ٿو.

رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سنڌ ۾ 20 هربل شين ۾ ايلوپيٿڪ جزن جي موجودگي ملي آهي، جڏهن ته 9 دوائون پاڪستان ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي وٽ رجسٽرڊ نه آهن.

You might also like