ايراني پاسدارانِ انقلاب دعويٰ ڪئي آهي ته هنن عمان ۾ آمريڪا جي ٻن ريڊار مرڪزن کي نشانو بڻائي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.
پاسداران جي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايراني فوج سلامه راڪس واري هنڌ قائم سامونڊي نگراني واري ريڊار ۽ غنم واري علائقي ۾ نصب فضائي نگراني واري ريڊار کي نشانو بڻائي تباهه ڪيو.