تهران(ويب ڊيسڪ)ايران جي پاسدارانِ انقلاب جي لاڳاپن واري شعبي دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪي حملن جي جواب ۾ عمان ۾ ڊگهي مفاصلي تائين نگراني ڪندڙ هوائي ريڊار ۽ سامونڊي جهازن جي سڃاڻپ ڪندڙ ريڊار کي نشانو بڻائي تباهه ڪيو ويو.
بيان ۾ چيو ويو ته آبناءِ هرمز کي سامونڊي اچ وڃ لاءِ کولڻ جو واحد رستو اهو آهي ته آمريڪا هن اهم گذرگاهه ۾ مداخلت ختم ڪري ۽ سامونڊي ڪناري وارن ملڪن جي خودمختياري جو احترام ڪري.