ممبئي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ اداڪار سيف علي خان هڪ انٽرويو دوران "فري فلسطين” بابت ڪيل تبصري کان پوءِ سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد جو نشانو بڻجي ويو.
انٽرويو دوران صحافي انوپما چوپڙا ٻڌايو ته هو هالي ووڊ اداڪار خاويئر بارڊيم جي اداڪاري بابت سندس هڪ قول جو حوالو ڏيڻ چاهي ٿي، جنهن تي سيف علي خان ڳالهه ڪٽيندي مذاق واري انداز ۾ چيو، "ڇا اهو ’فري فلسطين‘ آهي؟”
ان تي انوپما چوپڙا کلندي جواب ڏنو، "نه.” جنهن کان پوءِ سيف علي خان به کلندي چيو، "معاف ڪجو، مان رڳو سوچي رهيو هئس، اهو به ته سندس هڪ مشهور جملو آهي.”
هي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کان پوءِ واهپيدارن طرفان مختلف ردعمل سامهون آيا.
ڪيترن ئي واهپيدارن سيف علي خان تي تنقيد ڪندي چيو ته "فري فلسطين” ڪو فلمي ڊائلاگ نه، پر فلسطيني عوام جي حقن ۽ آزادي جي حمايت ۾ اٿاريل عالمي نعرو آهي، جنهن کي مذاق طور پيش ڪرڻ مناسب ناهي.
ٻئي پاسي ڪجهه واهپيدارن جو چوڻ هو ته سيف علي خان اهو جملو رڳو هڪ حوالي طور استعمال ڪيو هو، جڏهن ته اصل اعتراض ان ڳالهه تي هو ته ان حساس موضوع تي کلڻ سبب ڳالهه ٻولهه جو تاثر متاثر ٿيو.