قطر جو اڳوڻو امير شيخ حمد بن خليفه آل ثاني لاڏاڻو ڪري ويو

دوحا(ويب ڊيسڪ)قطر جو اڳوڻي امير شيخ حمد بن خليفه آل ثاني 74 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

قطر جي شاهي ديوان (اميري ديوان) جاري ڪيل بيان ۾ شيخ حمد بن خليفه آل ثاني جي وفات جي تصديق ڪندي چيو آهي ته هو اڄ صبح لاڏاڻو ڪري ويو.

اميري ديوان پنهنجي بيان ۾ چيو ته الله تعاليٰ جي فيصلي ۽ تقدير تي مڪمل ايمان سان، اميري ديوان قوم جي هن وڏي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪري ٿو. الله تعاليٰ مرحوم امير شيخ حمد بن خليفه آل ثاني تي پنهنجي خاص رحمت نازل فرمائي.

واضح رهي ته شيخ حمد بن خليفه آل ثاني 1995ع کان 2013ع تائين قطر جي امير طور ذميواريون نڀايون.

سندس حڪومتي دور دوران قطر معاشي ترقي، سفارتي اثر رسوخ ۽ بنيادي ڍانچي جي شعبن ۾ واضح ترقي حاصل ڪئي.

سال 2013ع ۾ هن رضاڪاراڻي طور اقتدار پنهنجي پٽ ۽ هاڻوڪي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني حوالي ڪري ڇڏيو هو.

You might also like