اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪِ انصاف ( پي ٽي آءِ ) جي باني عمران خان ۽ بشريٰ بي بي 190 ملين پائونڊ ڪيس جو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو.
پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ بشريٰ بي بي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فيصلو چئلينج ڪندي سزا معطليءَ لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو آهي.
واضح رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي سزا معطليءَ جون اپيلون رد ڪري ڇڏيون هيون.
عمران خان ۽ بشريٰ بي بي طرفان داخل ڪيل درخواستن ۾ چيو ويو آهي ته سزا معطليءَ جي درخواست رد ڪرڻ انصاف جي گهرجن جي خلاف هو، درخواست کي ٻڌڻي جوڳو قرار ڏيڻ باوجود ڪيس جي نڪتن کي نظرانداز ڪيو ويو، قيد دوران اکين جي بيماري ٿي، علاج لاءِ جيل کان ٻاهر منتقل ڪيو ويو.
درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پي ٽي آءِ باني۽ سندس گهرواري کي سخت طبي مسئلن جي باوجود آزاد نه ڪرڻ ناانصافي آهي، اڪيلائي واري قيد سبب ٻنهي کي غير معمولي ذهني اذيت کي منهن ڏيڻو پيو، سزا معطليءَ جي درخواست کي ڄاڻي واڻي پوئتي ڌڪيو ويو ، ٽرائل دوران ضمانت ملي چڪي هئي، الزام بي بنياد قرار ڏنا ويا هئا.
سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته سزا معطليءَ تي فيصلو ڪندي ڪيس جي نڪتن کي ڏسڻ قانوني طور ممڪن آهي، ثبوتن جو شروعاتي جائزو وٺڻ کانسواءِ درخواست رد ڪرڻ غلط هو، نيب بار بار التوا وٺي اپيل کي ڊگهو ڪيو ۽ انصاف ۾ دير پيدا ڪئي.
پي ٽي آءِ طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي گرفتاريءَ جو طريقو غير قانوني ۽ غير ذميواراڻو هو، غير قانوني گرفتاريءَ تي اعليٰ عدالت آزاديءَ جو حڪم ڏنو هو، احتساب جي نالي تي سياسي بنيادن تي ڪارروائي ڪئي وئي، نيب قانونن ۾ ترميم سان حتمي اپيل آئيني عدالت کي ٻڌڻ جو اختيار ڏنو ويو.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اپيل ۾ آئيني عدالت وڃڻ جو ذڪر موجود ناهي، سزا معطليءَ جي اپيل سپريم ڪورٽ ۾ ئي ٻڌڻي جوڳي آهي، هاءِ ڪورٽ جو حڪم ڪالعدم قرار ڏئي سزا معطل ڪئي وڃي، آزاديءَ جو حڪم ڏنو وڃي.