پاڪستان پيپلزپارٽي جو امجد حسين ايڊووڪيٽ بنا مقابلي گلگت بلتستان جو نئون وڏو وزير چونڊجي ويو آھي.
اسپيڪر عمران نديم جي صدارت هيٺ ٿيندڙ گلگت بلتستان اسيمبلي جي اجلاس ۾ امجد حسين جي ڪاميابي جو اعلان ڪيو ويو.
گلگت بلتستان اسيمبلي ۾ وڏي وزير جي لاءِ ڪنهن به ٻي اميدوار نامزدگي ڪاغذ جمع نه ڪرايا ۽ ايوان ۾ موجود سڀني ميمبرن امجد حسين ايڊووڪيٽ جي حمايت ڪئي.
امجد حسين ايڊووڪيٽ گلگت بلتستان جو پنجون وڏو وزير چونڊجي ويو آھي.
ھو ھاڻوڪي چونڊن ۾ جي بي اي-1 گلگت کان ڪامياب ٿيو ھو ۽ پيپلزپارٽي گلگت بلتستان جا صدر به آھي. هو 2010 کان 2015 تائين گلگت بلتستان ڪائونسل جو ميمبر رھيو ۽ 2020 جي چونڊن ۾ ٻن تڪن تان کٽي چڪو آهي.
نئين وڏي وزير جي حلف برداري جي تاريخ جو پوءِ اعلان ڪيو ويندو.
ان کان اڳ پيپلزپارٽي جو عمران نديم بنا مقابلي گلگت بلتستان اسيمبلي جا نئون اسپيڪر ۽ ن ليگ جو ڪفايت رحمان ايڊووڪيٽ به بنا مقابلي ڊپٽي اسپيڪر چونڊجي چڪا آهن.
ٻئي پاسي اپوزيشن ميمبرن جي درخواست تي اسپيڪر گلگت بلتستان اسيمبلي عمران نديم ن ليگ گلگت بلتستان جي صدر حافظ حفيظ الرحمان کي اپوزيشن ليڊر طور ڊڪليئر ڪيو آهي.