ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڦڦڙن جي بيمارين جي ماھر ڊاڪٽر جاويد خان چيو آهي ته ڪراچي ۾ کنگهه، نزلو، بخار ۽ ساهه جي بيمارين ۾ واڌ ٿي رهي آهي.
هن چيو آهي ته اسپتالن ۾ ڦڦڙن ۽ ساهه جي بيمارين جا مريض وڏي انگ ۾ اچي رهيا آهن، ۽ انهن ۾ گهڻو انگ ٻارن ۽ بزرگن جي آهي.
ساھھ جي بيمارين جي ماھر وڌيڪ چيو ته حج ۽ عمري کان واپس ايندڙ ڪجهه ماڻهو موسمي وائرس پاڻ سان کڻي اچي سگهن ٿا.
هن اهو به چيو ته بزرگ ماڻهو ۽ سھڪي جا مريض خاص احتياط ڪن.
ڊاڪٽر جاويد خان جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ساهه جي بيمارين کان بچاءَ لاءِ عوام ۾ آگاهي وڌائڻ جي ضرورت آهي.