تھران(ويب ڊيسڪ)ايراني ميڊيا موجب پاڪستان جو گهرو وزير محسن نقوي هڪ ڀيرو ٻيهر ايران جي دوري تي پهچي رهيو آهي، جتي هو ايراني قيادت سان ملاقاتون ڪندو.
ذريعن موجب محسن نقوي اسلام آباد ۾ ٿيل ايم او يو (يادداشتِ نامي) تي مبارڪباد پيش ڪندو ۽ ايندڙ مرحلن بابت خاص ڳالهيون ڪندو.
ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته هن دوري دوران ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۽ مستقبل جي تعاون بابت اهم معاملن تي به خيال ونڊيا ويندا.