نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست آسام جي جورهاٽ ايئر فورس اسٽيشن تي ڀارتي هوائي فوج جو ”اي اين 32“ٽرانسپورٽ جهاز ڪِري تباهه ٿي ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 5 اهلڪار اجل جو شڪار بڻجي ويا آهن.
ڀارتي هوائي فوج جي بيان موجب، اهو حادثو اڄ صبح جو ان وقت پيش آيو جڏهن جهاز هڪ معمول جي پرواز دوران لينڊنگ ڪري رهيو هو. جهاز لينڊنگ دوران رن وي تان لهي ويو، جنهن کانپوءِ ان ۾ باهه لڳي وئي ۽ جهاز جا ٽڪرا ٿي ويا.
جھاز حادثي ۾ حياتي وڃائيندڙن اسڪواڊرن ليڊر پرشانت سنگهه، فلائيٽ ليفٽيننٽ شبهم ڪمار، سارجنٽ جيتنڌر شرما، اگني وير ويو کيمارام ڪماوت ۽ اگني وير ويو دانش عالم شامل آهن، جڏهن ته جهاز جو ڪو-پائلٽ معجزاڻي طور بچي ويو آهي، جنهن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
ڀارتي هوائي فوج واقعي جي تصديق ڪندي حادثي جي جاچ لاءِ ”ڪورٽ آف انڪوائري“ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ته جيئن ان حادثي جي فني ۽ ٻين سببن جو پتو لڳائي سگهجي.