نيلم جهلم پروجيڪٽ: قومي خزاني کي 42 ارب 93 ڪروڙ کان مٿي نقصانن جو انڪشاف

پارليامينٽ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي اجلاس ۾ آڊٽ اهلڪار ٻڌايو ته نيسپيڪ نيلم جهلم منصوبي ۾ ٽيڪنيڪل خاميون ۽ ناقص نگراني ڪئي. نيلم جهلم پاور پلانٽ جولاءِ 2022 ۾ ٽنل جي ڪري بند ٿي ويو.

آڊيٽر جنرل اهلڪار چيو ته نيلم جهلم ٽنل ۾ مئي 2024 ۾ ٻيهر حادثو پيش آيو، ۽ منصوبي جي بندش سبب بجلي جي پيداوار ۾ اربين روپين جو نقصان ٿيو.

اهلڪار ٻڌايو ته نيسپيڪ جوائنٽ وينچر منصوبي جي ڊيزائن کان وٺي تعميراتي نگراني تائين سڀني مرحلن ۾ شامل رهي. بحالي ۽ بجلي جي پيداوار بند ٿيڻ سبب گڏيل نقصان 42 ارب 93 ڪروڙ 40 لک روپين تائين پهچي ويو.

سڪريٽري ڪابينا ڊويزن چيو ته هن معاملي تي وفاقي حڪومت انڪوائري ڪري رهي آهي ۽ اڳوڻو گهرو سيڪريٽري شاهه دعا علي جي سربراهي ۾ ڪميٽي انڪوائري ڪري رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.