ڍاڪا ٽيسٽ جو ٽيون ڏينهن: پاڪستان جي اذان اوويس جي پهرين ئي ٽيسٽ ميچ ۾ سينچري

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) ڍاڪا ٽيسٽ جي ٽين ڏينهن به پاڪستان جي اذان اوويس پهريون ڀيرو ٽيسٽ ميچ ۾ سينچري اسڪور ڪري ڇڏي.

اذان اوويس ڪيئرير جي پهرين ٽيسٽ ۾ سينچري ٺاهڻ وارن پاڪستاني رانديگرن ۾ 14هون بيٽر بڻجي ويو، جنهن 153 بالن تي 14 چوڪن جي مدد سان سينچري پوري ڪري ڇڏي ۽ 103 رنز تي آئوٽ ٿي ويو.

ان کانسواءِ پاڪستان جو عبدالله فضل به ڪيئرير جي پهرين ئي ٽيسٽ ۾ ففٽي اسڪور ڪري ويو، هن وقت عبدالله فضل 102 بالن تي 50 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.

پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ڍاڪا ٽيسٽ ميچ ۾ ٽيون ڏينهن جاري آهي. اڄ قومي ٽيم پهرين اننگ جي شروعات هڪ وڪيٽ تي 179 رنز سان ڪئي.

پاڪستان پاران ڪريز تي موجود اذان اوويس 84 ۽ عبدلله فضل 37 رنز سان پنهنجي اننگز کي اڳتي وڌايو، بعد ۾ پنهنجي پهرين ٽيسٽ ۾ سينچري اسڪور ڪرڻ وارو اذان اوويس پهرين ئي سيشن ۾ 103 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.

ان کانپوءِ پاڪستان جي ٽين وڪيٽ 226 رنز تي ڪري پئي جڏهن ڪپتان شان مسعود 9 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، جنهن بعد 227 رنز تي پاڪستان جي چوٿين وڪيٽ ڪري پئي جڏهن سعود شڪيل ٻُڙي تي آئوٽ ٿي ويو.

ٽيم جي مجموعي اسڪور 230 تي پاڪستان جون پنج وڪيٽون ڪري پيون.

ان کان اڳ پهرين اننگ ۾ بنگلاديش جي ٽيم 413 رنز تي آل آئوٽ ٿي وئي. نجم الحسن شانتو 101، مومن الحق 91 ۽ مشفيق الرحيم 71 رنز ٺاهي منفرد رهيا. پاڪستان جي محمد عباس 5 ۽ شاهين آفريدي 3 وڪيٽون حاصل ڪيون جڏهن ته نعمان علي ۽ حسن علي هڪ هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.