بغداد(ويب ڊيسڪ) آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جرنل دعوا ڪئي آهي ته اسرائيل پاران ايران خلاف جنگي ڪارروائين لاءِ عراق جي برپٽ ۾ ڳجهو اڏو قائم ڪيو ويو آهي.
رپورٽ موجب ان ڳجهي اڏي تي اسرائيلي اسپيشل فورسز مقرر هيون جڏهن ته اهي فورسز اسرائيل جي فضائي لاجسٽڪ مرڪز طور به استعمال ڪيون پيون وڃن.
اخبار موجب اهي سرچ ۽ ريسڪيو ٽيمون موجود هيون ته جيئن اسرائيلي پائلٽ جو جهاز ڪرڻ جي صورت ۾ فوري سهائتا ڪري سگهن.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مارچ جي شروعات ۾ عراقي فوج ان اڏي جي ويجهو پهچي وئي هئي، ان باوجود اسرائيلي فورسز مبينا طور فضائي حملا ڪري عراقي اهلڪارن کي پاسي تي رکيو هو ته جيئن اهو ڳجهو اڏو وائکو نه ٿي سگهي.
اسرائيلي وزيراعظم جي آفيس کان ان رپورٽ تي ڪو به فوري رد عمل سامهون ناهي آيو.