درياخان مري واقعو:جي ڊي اي اڳواڻن جي جتوئي ڀائرن سان ايڪتا، انتقامي ڪاررواين جي مذمت

مٺياڻي (رپورٽ: امير علي ملڪ)چار ڏينهن پهريان درياء خان مري ۾ نيشنل پيپلزپارٽي جي شهيد بينظير آباد جي ڊويزنل صدر غلام حيدر مري پاران  جتوئي برادري جي دعوت ڪرڻ کان پوءِ ضلع انتظاميا مٿس ڏمرجي پئي جنهن کان پوءِ سندس پيٽرول پمپ، دڪان ڊاهي پٽ ڪيا ويا ۽ مٿس ايف آءِ آر پڻ داخل ڪئي وئي آهي اهڙي عمل خلاف اظھار يڪجهتي طور تي جي ڊي اي جا مرڪزي اڳواڻ سيد راشد شاهه ، سيد زين شاهه، حسنين مرزا ، رياض چانڊيو ۽ ٻيا اڳواڻ جتوئي ھائوس نوان جتوئي پهچي اظھار يڪجھتي طور تي نوان جتوئي کان مرتضيٰ خان جتوئي ، مسرور خان جتوئي سميت مرڪزي اڳواڻن سان دريا خان مري ريلي جي صورت ۾ پهتا، ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته اسان جي ڪارڪنن جون دعوت ڪرڻ جي ڏوھ ۾ سندن ملڪيتون تباھ ڪيون ڪيون پيون وڃن ۔ جنھن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا هنن چيو ته  سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت جي مخالف جي ڊي اي  آهي ان جي ڊي اي جو اڳواڻ غلام  مرتضيٰ خان جتوئي آهي جيڪو پ پ جي بيت نه ٿو ڪري ۽ دليري سان مقابلو ڪندو اچي پيو جنهن ڪري سنڌ حڪومت  پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي اهڙو ظلم ڪري رهي آهي اسان جا ڪارڪن جهڪڻ وارا نه آهن هنن وڌيڪ چيو ته اسان جي ساٿي غلام حيدر مري سان ٿيل زيادتي ظلم برداشت نه ڪيو ويندو هن جو سنڌ حڪومت کي حساب ڏيڻو پوندو  ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت م عوام جي ردي عمل کان هي حڪمران بچي نه سگهندا ،ان موقعي تي راشد شاهه راشدي چيو ته اسان پنهنجي قائد پير پاڳاري جي حڪم تي هتي آيا آهيون،مرتضيٰ جتوئي جي ويجهي ساٿي غلام حيدر مري سان وڏي زيادتي ٿي آهي،هن جو پيٽرول پمپ ۽ عمارتون تباهه ڪيون ويون آهن ڪنهن سان به اهڙو ظلم ٿئي ته هو يا ڌاڙيل ٿيندو يا باغي ٿي ويندو،هنن کي سلام آهي ته انهن پنهنجي حوصلي تي ڪنٽرول رکيو آهي،هن چيو ته هن وقت سڄي سنڌ سميت پاڪستان جي همدردي مري ڀائرن سان آهي،پ پ حڪومت عزتدار،شريف ماڻهن تي مينهن چوري،ٻڪري چوري،موٽرسائيڪل چوري جا ڪيس داخل ڪري رهي آهي،پ پ وارا پنهنجي پاڻ کي رُسوا ڪري رهيا آهن،ٻچو ٻچو اڄ کان پوءِ نعرو هڻڻ شروع ڪندو،”گو زرداري گو،نو زرداري نو“ هن چيو ته حڪمران جهڙي ڪردار جا آهن اهي توهان جو پاڻي به بند ڪندا،جيلن ۾ به توهان اسان گڏ هونداسين پر انهن جو مقابلو ضرور ڪنداسين،هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مان زندگي ۾ ضيا لنجار جو نالو نه ٻڌو هو،هن کي نٿو سڃاڻان،خبر ئي ناهي ته هو ڪهڙي علائقي جو سياستدان آهي،يا هن جو خاندان ڪهڙو آهي؟اسان کي بلڪل خبر ناهي،هن جو جيڪو ليڊر آهي،وقت تبديل ٿيندو ته هن کي جواب ڏيڻو پوندو،هن چيو ته ڪراچي ۾ ”سسٽم“ هلي رهيو آهي جنهن ڪري معيشت ويهي رهي آهي،پوليس آئيس جي نشي تي منٿلي وٺي رهي آهي،صوبائي وزير تائين رقمون وڃن ٿيون،زمينن تي قبضا،ڀتاخوري سميت هر خرابي سنڌ ۾ پيدا ٿي وئي آهي،هن چيو ته حڪومت کي اپيل آهي ته ٻه ٽي ڪيس اسان تي به داخل ڪريو،اسان به جيل وڃڻ لاءِ تيار آهيون

سنڌ ۾ هاڻي ڏاڍ نه پر عوام جي مرضي هلندي: معظم عباسي

دريا خان مري (عوامي آواز نيوز) جي ڊي اي اڳواڻ معظم عباسي دريا خان مري ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ هاڻي ڏاڍ نه پر عوام جي مرضي هلندي، دريا خان مري ۾ اين پي پي عهديدار غلام حيدر مري جا دڪان ڊاهڻ ۽ پيٽرول پمپ سيل ڪرڻ خلاف جي ڊي اي طرفان جلسو ڪوٺايو ويو، جلسي کي خطاب ڪندي معظم عباسي چيو ته حڪمرانن جي ظلمن خلاف اڄ خلق ريفرينڊم ڏئي ڇڏيو آهي، هاڻ سنڌ ۾ ڏاڍ ۽ زور زبردستي نه هلندي.

جي ڊي اي اڳواڻن جي آمد کان اڳ نوان جتوئي جا پيٽرول پمپ سيل

مٺياڻي (ن ع آ) مٺياڻي ڀرسان نوان جتوئي ۾ جي ڊي اي جي مرڪزي اڳواڻ جتوئي هائوس پھچڻ اڳ نوان جتوئي جا پيٽرول پمپ  سيل ڪيا ويا ، جنهن سبب عام شهرين کي سخت پريشاني کي منهن ڏيڻو پوي پيو ۔ مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته ڪيترن هنڌن تي پيٽرول يونٽن تي مهانگي اگهه تي پيٽرول وڪرو ڪيو پيو وڃي،

سنڌ ۾ مخالفن کي چانهه پيارڻ به ڏوهه بڻجي وئي آهي:زين شاهه

سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪمار اوڏ)سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ مجيد ڪيريو ۾ پريس  ڪانفرنس ڪندي چيو ته دريا خان مري ۾ غلام حيدر مري خلاف ڪيس داخل ڪرڻ، سندس ملڪيت ڊاهڻ ۽ کيس هراسان ڪرڻ جهڙا قدم انتهائي مذمت جوڳا آهن. هن چيو ته اهڙيون ڪارروايون نه رڳو هڪ فرد خلاف زيادتي آهن پر پوري سياسي ۽ سماجي ماحول کي غير مستحڪم ڪرڻ جو سبب بڻجي رهيون آهن.هن وڌيڪ چيو ته حڪمران جماعت طرفان مخالف سياسي سوچ رکندڙ ماڻهن کي مسلسل نشانو بڻايو پيو وڃي، جيڪو جمهوري قدرن جي ابتڙ آهي. سندس چوڻ هو ته جمهوريت ۾ اختلاف راءِ کي برداشت ڪرڻ بنيادي اصول آهي، پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته سنڌ ۾ هن وقت صورتحال ان جي ابتڙ نظر اچي رهي آهي.“جيڪڏهن ڪنهن شخص جو صرف اهو ڏوهه هجي ته هن مخالف سان چانهه پيتي آهي ته ان کي به انتقامي ڪارروائي جو نشانو بڻايو وڃي، هن مورو واري واقعي جو حوالو ڏيندي چيو ته هڪ سال اڳ ٿيل واقعي کان پوءِ به متاثر خاندانن کي انصاف نه ملي سگهيو آهي ۽ ڪيترن ماڻهن کي بناجواز قيد ۾ رکيو ويو آهي، جيڪو انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي آهي. هن چيو ته اهڙن ڪيسن ۾ دير ۽ ناانصافي عوامي اعتماد کي عدليه ۽ رياستي ادارن کان پري ڪري رهي آهي.هن چيو ته  حڪومت سياسي انتقام جو سلسلو بند ڪري، متاثر ماڻهن کي فوري انصاف فراهم ڪيو وڃي ۽ سنڌ ۾ امن، انصاف ۽ قانون جي حڪمراني کي يقيني بڻايو وڃي

پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ وڏو دٻاءُ وڌو پيو وڃي: غلام حيدر مري

ڪراچي (عوامي آواز نيوز) اين پي پي اڳواڻ غلام حيدر مري جي سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي مان دريا خان مري ۾ داخل  ڪيس ۾ 15 ڏينهن جي حفاظتي ضمانت منظور ٿي وئي، عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي غلام حيدر مري چيو ته منهنجو ڏوهه اهو آهي ته مون جتوئي ڀائرن جي دعوت ڪئي، دريا خان مري ۾ منهنجا 20 دڪان ڊاهيا ويا آهن، پڇڻ تي چيو ويو ته حددخليون آهن، بابا جڏهن ٺهيا پئي ته ان وقت حددخلين جي ڳالهه ڪيڏانهن وئي، 2009 کان 2018 ۾ منهنجي ۽ ڪمپني جي پنهنجي ليز ٿي آهي، مون پارٽي عهديدار هجڻ جي ڪري پنهنجي پارٽي جي سينيئر صدر غلام مرتضيٰ جتوئي جي ۽ ضلعن جي صدرن جي دعوت ڪئي، دعوت ڪرڻ کان پوءِ منهنجو پيٽرول پمپ به غيرقانوني ٿي ويو، منهنجا دڪان به غيرقانوني ٿي ويا، جتوئين سان سڄي زندگي ساٿ رهندو، راشد شاهه راشدي اعلان ڪري ٿو ته سڄو بلوچستان گڏ ٿيندو، مون مٿان پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ وڏو دٻاءُ وڌو پيو وڃي، زبردستي زمين کسي وئي، 8 ڳوٺن جو چڱو آهيان، غلام مرتضيٰ جتوئي کي 12 پولنگون کٽرائيندو رهندس، سياست ڪرڻ سڀني جو حق آهي، پيپلزپارٽي وارا سياسي انتقامي ڪاررواين تي لهي آيا آهن، منهنجو ڪروڙن جو نقصان ٿيو آهي، پوئتي نه هٽندس، ڌاڙيلن کي پروٽوڪول ملي رهيو آهي ۽ شريف شهرين جا دڪان ڊاهيا پيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.