ٽورنٽو(عوامي آواز نيوز)ڪئناڊا جي وزيراعظم مارڪ ڪارني چيو آهي ته ڪئناڊا لاءِ آمريڪا سان ڊگهي عرصي کان قائم معاشي لاڳاپا هاڻي ”ڪمزوري“ ۾ تبديل ٿي چڪا آهن، جن کي درست ڪرڻ ضروري آهي۔عرب ميڊيا موجب، مارڪ ڪارني پنهنجي هڪ وڊيو بيان ۾ چيو ته دنيا هاڻي وڌيڪ خطري واري ۽ ورهايل ٿي وئي آهي، جڏهن ته آمريڪا واپاري پاليسي ۾ وڏي تبديلي آڻيندي محصولن ۾ نمايان واڌ ڪئي آهي۔ڪارني موجب ڪئناڊا کي هاڻي ڪنهن هڪ ملڪ تي ڀاڙڻ گهٽ ڪرڻو پوندو ۽ ٻين ملڪن سان معاشي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪرڻا پوندا۔ان کان علاوه، فرانس جي صدر ايمانول ميڪرون ۽ مارڪ ڪارني ايران تي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن کي عالمي قانونن جي ابتڙ قرار ڏنو آهي۔مارڪ ڪارني پنهنجي بيان ۾ 1812ع جي جنگ جو حوالو ڏيندي برطانوي ڪمانڊر اساڪ بروڪ جو ذڪر ڪيو ۽ چيو ته ڪئناڊا ماضي ۾ به اهڙن چيلينجن کي منهن ڏئي چڪو آهي۔