اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) موجوده حڪومت جي شروعاتي ٻن سالن دوران ورتل قرضن جا تفصيل سامهون اچي ويا.
وفاقي حڪومت جي شروعاتي ٻن سالن دوران ورتل قرضن ۾ 15 هزار 72 ارب رپين جي تاريخي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جي دستاويزن موجب، موجوده حڪومت جي قرضن ۾ اِها واڌ مارچ 2024ع کان وٺي فيبروري 2026ع دوران ٿي.
مرڪزي بينڪ موجب، مارچ 2024ع کان وٺي فيبروري 2026ع جي 2 سالن دوران وفاقي حڪومت جي مقامي قرضن ۾ 14 هزار 4 ارب رپيا ۽ پرڏيهي قرضن ۾ هڪ هزار 68 ارب رپيا اضافو ٿيو، جنهن کانپوءِ وفاقي حڪومت جو قرض فيبروري 2026ع تائين وڌي 79 هزار 882 ارب رپيا ٿي ويو.
نگران حڪومت جي آخري مهيني فيبروري 2024ع تائين وفاقي حڪومت جي قرضن جو ڪاٿو 64 هزار 810 ارب رپيا هو.