اسان ڪچي ميوي جيان نوجوان رانديگرن کي وقت کان اڳ کيڏائي ڇڏيندا آهيون: حسن علي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) فاسٽ بالر حسن علي چيو آهي ته اسان ڪچي ميوي جيان نوجوان رانديگرن کي وقت کان اڳ کيڏائي ڇڏيندا آهيون، رانديگر جنهن وقت ميچون ٿي وڃي تڏهن ئي موقعو ڏنو وڃي.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حسن علي چيو ته مان هر وقت سکڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، ڪرڪيٽ منهنجو جنون آهي، ٿوري خراب ڪارڪردگي تي رٽائرمينٽ جا سوال ٿيندا آهن، سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري واپسي ڪندس.
هن چيو ته اسان لاهور ۾ 3 ميچون کٽڻ کانپوءِ ڪراچي ۾ سٺي ڪرڪيٽ ناهي کيڏي، هتي چار ميچون هارايوسين، سچ اهو آهي ته ٽنهي شعبن ۾ سٺو نه پيا کيڏون، رڳو ڊيوڊ وارنر تي نه پيا ڀاڙيون، هيءَ ٽيم ڪراچي ڪنگز جي آهي ۽ اسان جو هر رانديگر ميچ ونر آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.