پي ايس ايل: ملتان سلطانز ڪراچي ڪنگز کي 11 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جي 28هين ميچ ۾ ملتان سلطانز ڪراچي ڪنگز کي 11 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
ڪراچي ۾ ملتان سلطانز پهريان بيٽنگ ڪندي 7 وڪيٽن جي نقصان تي 207 رنسون ٺاهيون، شان مسعود 46 ۽ جوش فلپس 44 رنسن سان اڳڀرا رهيا.
ڪراچي طرفان خوشدل شاهه 3، معين علي 2، حسن علي ۽ زمپا هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
جواب ۾ ڪراچي ڪنگز 19.4 اوورن ۾ 196 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، ريزا هينڊرڪس 49 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيو، عباس آفريدي 34، ڪپتان معين علي 27، حسن علي 23، سعد بيگ 21 رنسون ٺاهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.