نارووال (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته ايران جنگ جاري رهي ته تيل اگهه 6 سئو رپيا في ليٽر کان وڌي ويندا ۽ دنيا جي معيشت ويهي ويندي.
نارووال ۾ تقريب کي خطاب ڪندي احسن اقبال چيو ته هڪ سياسي جماعت ماڻهن کي ٻڌائيندي هجي ته پاڪستان جو ٻيڙو ٻڏي ويو، هڪ ليڊر جي تقرير شروع ئي ٻيڙو غرق ٿيڻ سان ٿيندي هئي پر اڄ ان ئي پاڪستان معرڪه حق ۾ ڀارت کي سبق سيکاريو، اڄ آسٽريليا کان وٺي آمريڪا تائين سڄي دنيا ۾ جنهن ملڪ جي هاڪ آهي، اهو پاڪستان آهي.
هن چيو ته الله پاڪ وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل جي قيادت ۾ پاڪستان جو پرچم سڄي دنيا ۾ بلند ڪري ڇڏيو آهي، تاريخ کڻي ڏسو، جڏهن ته ن ليگ جي حڪومت آئي ته پاڪستان جو وقار بلند ٿيو.
You might also like