اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايران – آمريڪا جنگبندي بابت ڳالهين کي نظر ۾ رکندي اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ ميٽرو بس سروس سميت پرائيويٽ، پبلڪ ۽ گڊز ٽرانسپورٽ معطل ڪئي وئي آهي.
انتظاميا موجب راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ پرائيويٽ، پبلڪ ۽ گڊز ٽرانسپورٽ ايندڙ حڪم تائين معطل رهندي.
ضلعي انتظاميا جو چوڻ آهي ته راولپنڊي ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي وئي آهي ۽ اهم شاهراهن تي پوليس جي واڌو نفري مقرر ڪئي وئي آهي.
صدر کان فيض آباد مري روڊ ۽ ايڪسپريس وي تي واڌو ناڪا قائم ڪيا ويا آهن، فيض آباد، پير وڌائي ۽ 26 نمبر تي بس اڏا به بند ڪيا ويا آهن، فيض آباد ۾ واپاري مرڪز به بند رهندا.
هوڏانهن ٽريفڪ پوليس شهرين کي ٽريفڪ روٽن جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته ريڊ زون هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ مڪمل بند رهندو.
پوليس موجب ڪورال کان زيرو پوائنٽ تائين ايڪسپريس وي هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بند هوندو، سري نگر هاءِ وي تي به مختلف وقتن ۾ ٽريفڪ روڪي سگهجي ٿي، اسلام آباد ۾ ڪنهن به شاهراهه کان ايندڙ هر قسم جي هيوي ٽريفڪ جي داخلا بند رهندي.
پوليس هدايت ڪئي آهي ته هيوي ٽريفڪ مالڪ تڪليف کان بچڻ لاءِ اسلام آباد جو سفر نه ڪن، جڏهن ته شهري متبادل ٽريفڪ پلان تي عمل ڪن.
ايران – آمريڪا ڳالهيون: اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ، ريڊ زون سيل
You might also like