منهنجا نمائندا ڳالهين لاءِ اسلام آباد وڃي رهيا آهن، ايران وٽ معاهدي جو آخري موقعو آهي: ٽرمپ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته منهنجا نمائندا اسلام آباد وڃي رهيا آهن، اهي سڀاڻي شام ڳالهين لاءِ اتي موجود هوندا.
پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽرٿ سوشل تي جاري ڪيل بيان ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ايران آبناءِ هرمز بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو، جيڪا عجيب ڳالهه آهي، ڇو ته اسان جي ناڪابندي سبب هرمز اڳ ئي بند آهي.
هن چيو ته اسان ايران کي هڪ سٺي معاهدي جي آڇ ڪري رهيا آهيون، اميد ته ايران اهو معاهدو ڪندو، ڇو ته جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته آمريڪا ايران ۾ هر پاور پلانٽ ۽ هر پل کي تباهه ڪري ڇڏيندو.
سندس چوڻ هو ته آبناءِ هرمز بند ڪري ايران اسان جي مدد ڪري رهيو آهي پر ان کي ان جو علم ناهي، آبناءِ هرمز بند هجڻ سبب ايران کي روز 500 ملين ڊالرن جو نقصان ٿي رهيو آهي، جڏهن ته آمريڪا کي ڪو نقصان نه پيو ٿئي.
ٽرمپ چيو ته هاڻ وڌيڪ نرمي نه ڏيکاري ويندي، جيڪڏهن ايران معاهدو نه ڪيو ته جيڪو ڪجهه ڪرڻو پيو اهو مون لاءِ اعزاز هوندو، اهو ڪم گذريل 47 سالن ۾ ٻين صدرن کي ايران سان ڪرڻ گهرجي ها، هاڻ وقت اچي ويو آهي ته ايران جي ڪلنگ مشين کي ختم ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.