ملڪ جي مختلف علائقن ۾ کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اين ڊي ايم اي ايندڙ 12 کان 24 دوران ملڪ جي مختلف حصن ۾ تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي، جڏهن ته جابلو علائقن ۾ برفباري جو به امڪان آهي.
اين ڊي ايم اي طرفان جاري ڪيل الرٽ موجب اسلام آباد، پنجاب جي مختلف شهرن ۽ بلوچستان ۾ کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته خيبر پختونخواهه جي مٿانهن ۽ جابلو علائقن ۾ برسات سان گڏ ڳڙو پوڻ جو به امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
الرٽ ۾ چيو ويو آهي ته گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي مٿانهن جابلو علائقن ۾ برفباري جو امڪان آهي، برسات سبب روڊن تي ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي، خاص طور جابلو رستن تي سفر ڪندڙن کي احتياط ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.