مظفر ڳڙهه (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي ضلعي مظفر ڳڙهه ۾ اڻڄاتل ماڻهن ڳئونءَ جي زبان ڪپي ڇڏي.
پوليس موجب افسوسناڪ واقعو مظفر ڳڙهه جي علائقي لنگر سرائي ۾ پيش آيو، جتي ظالمن بي زبان جانور جي زبان ڪپي ڇڏي.
ان حوالي سان لائيو اسٽاڪ عملي ٻڌايو ته ڳئون جي زبان تکي اواز سان ڪپي وئي آهي ۽ اها کائڻ پيئڻ لاءِ لاچار بڻيل آهي.
هوڏانهن ڳئون جي مالڪ پوليس وٽ شڪايت داخل ڪرائيندي ڪارروائي جي درخواست ڪئي آهي.
ڳئون جي مالڪ ٻڌايو ته اڳ به اڻڄاتل ماڻهو اسان جي ٻڪرين کي نقصان پهچائي چڪا آهن.
Prev Post
You might also like