مس يونيورس پاڪستان روما رياض ڪانز ۾ ملڪ جي نمائندگي ڪندي

سال 2025 ۾ مس يونيورس جو تاج ماڻيندڙ روما رياض هن سال ڪانز انٽرنيشنل فلم فيسٽيول ۾ شرڪت ڪندي.
روما رياض جو تعلق پاڪستان جي عيسائي برادري سان آهي ۽ هوءَ هڪ پنجابي پاڪستاني خاندان سان واسطو رکي ٿي.
روما رياض تصديق ڪئي آهي ته هوءَ ڪانز فلم فيسٽيول ۾ ريڊ ڪارپيٽ ۾ جلوا ڏيکاريندي ۽ گڏوگڏ ايڪسپيڊيشن گالا جي ميزباني به ڪندي.
هن چيو ته ان عالمي فلمي ميلي ۾ پاڪستان جي نمائندگي تي فخر محسوس ڪيان ٿي.
فرانس ۾ منعقد ٿيندڙ 78هون ڪانز فلم فيسٽيول 12 مئي کان 23 مئي تائين جاري رهندو، جنهن ۾ سڄي دنيا مان چونڊيل فلمن جي نمائش ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.