25 سالن کان گم همراهه جي اوچتو گهر واپسي، زال جو گڏ رهڻ کان انڪار!

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي پنجاب جي هڪ ڳوٺ ۾ غير معمولي واقعو پيش آيو، جتي 25 سال اڳ گم ٿي ويل شخص اوچتو واپس گهر اچي ويو پر ان جي واپسي خوشي بدران پريشاني ۾ تبديل ٿي وئي.
هنسا سنگهه نالي شخص لڳ ڀڳ 25 سال اڳ پراسرار طور تي گم ٿي ويو هو. گهر ڀاتين کي ڳولا باوجود هٿ نه آيو ته هنن کيس مئل تصور ڪري ڇڏيو.
وقت گذرڻ هنگا سنگهه جي زال وملا جي شادي خاندان جي رضامندي سان سندس ننڍي ڀاءُ سک سنگهه سان ڪرائي وئي، جن کي بعد ۾ ٻار به ٿيا ۽ زندگي معمول موجب هلندي رهي.
تازو اتر پرديش جي نارٿور علائقي ۾ هڪ ذهني طور پريشان شخص خيرات گهرندي ڏٺو ويو، شڪ جي بنياد تي پوليس ان کان پڇا ڳاڇا ڪئي ته هن پنهنجو نالو هنسا سنگهه ٻڌايو، بعد ۾ يو پي پوليس پنجاب پوليس سان رابطو ڪيو، جنهن تي هنسا سنگهه جو ڀاءُ ۽ ڳوٺ جو سربراهه سڃاڻپ لاءِ پهتا.
گهڻي عرصي ۽ تبديل ٿيل چهري سبب ڀاءُ به پهريان کيس سڃاڻي نه سگهيو پر ننڍپڻ جون يادون ۽ خانداني واقعا ياد ڏيارڻ سبب ان جي سڃاڻپ يقيني بڻجي وئي.
گهر واپسي تي سڀ کان وڏو سوال وملا جي مستقبل جو هو، هڪ طرف سندس پهريون مڙس هو، جيڪو 25 سال بعد واپس آيو، ٻئي طرف سک سنگهه هو، جنهن 22 سال تائين سندس ساٿ نڀايو، آخرڪار وملا پنهنجي موجوده خاندان ۽ ٻارن کي ترجيح ڏيندي هنسا سنگهه کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.