ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پشاور زلمي جي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته جڏهن توهان جي ٽيم سٺو پرفارم ڪندي آهي ته مزو ايندو آهي، ڪاميابين جو سلسلو جاري رکڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
ملتان کي شڪست کانپوءِ مسلسل پنجين ڪاميابي تي پشاور زلمي جي ڪپتان بابر اعظم چيو ته ٽيم پلان تي عمل ڪرڻ سان ڪاميابيون ملي رهيون آهن، ذاتي ڪارڪردگي ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان، مسلسل محنت تي يقين رکان ٿو.
هن چيو ته اڄ جي ڪرڪيٽ تيز ٿي وئي آهي، ريڊ بال ۾ به تيز کيڏيو ويندو آهي، جڏهن ته مختلف پوزيشن تي مختلف انداز ۾ کيڏڻو پوندو آهي.
سندس چوڻ هو ته سفيان مقيم جهڙي ڪارڪردگي ڏيکاري رهيو آهي سندس مستقبل سٺو آهي، جيڪڏهن منهنجي نصيب ۾ ڪپتان طور ٽرافي هوندي ته ضرور ملندي.
بابر اعظم چيو خواهشون ته وڏيون آهن پر جيڪو نصيب ۾ هوندو اهو ملندو.
You might also like