ٽرمپ پاران فيلڊ مارشل جي تعريف، ڳالهين لاءِ ٻيهر پاڪستان اچڻ جو اشارو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران سان ايندڙ ڳالهين لاءِ پاڪستان کي ترجيحي هنڌ قرار ڏيندي فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير جي ڪارڪردگي کي به ساراهيو آهي.
آمريڪي اخبار نيو يارڪ جي رپورٽر سان گفتگو ڪندي ٽرمپ چيو ته توهان اتي ئي رهو، ڇو ته ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ ڪجهه ٿي سگهي ٿو ۽ اسان پاڪستان وڃڻ تي وڌيڪ راضي آهيون.
هن چيو ته ڳالهين لاءِ پاڪستان جي چونڊ جو امڪان گهڻو آهي، ڇو ته فيلڊ مارشل بهترين ڪم ڪري رهيو آهي، سندس ڪارڪردگي سبب آمريڪا ڳالهين لاءِ ٻيهر پاڪستان وڃڻ تي غور ڪري رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.