ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي جي ترجمان انجم نذير ايندڙ ڏينهن ۾ ڪراچي ۾ گرمي جي شدت ۾ گهٽتائي جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو.
نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي انجم نذير چيو ته 12 اپريل تي ڪراچي ۾ گرم ڏينهن رهيو، جتي گرمي پد 39.5 ڊگري رڪارڊ ڪيو ويو ۽ ان دوران اتر اوڀر کان هوائون هلي رهيون هيون.
هن چيو ته شهر ۾ ڪالهه کان سامونڊي هوائون بحال ٿي ويون آهن، ايندڙ 8 کان 10 ڏينهن ۾ ڪراچي ۾ سخت گرمي جو ڪو امڪان ناهي، هن وقت ڪراچي جو سراسري گرمي پد 35 ڊگري سينٽي گريڊ آهي ۽ اهو لڳ ڀڳ ساڳيو رهندو.
انجم نذير موجب 16 اپريل تي ڪراچي جي گرمي پد ۾ هڪ کان ٻه ڊگري گهٽتائي ايندي، آسمان تي ڪڪر هوندا، جنهن سبب گرمي جي شدت ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي، جڏهن ته ڪراچي ۾ برسات جو ڪو امڪان ناهي.
هن وڌيڪ چيو ته 16 اپريل کان ملڪ ۾ اولهه وارين هوائن جو سلسلو داخل ٿيڻ وارو آهي، جنهن جو اثر پاڪستان جي اترين علائقن تي پوندو، جڏهن ته 16 کان 18 اپريل دوران سنڌ جي علائقي لاڙڪاڻي ۽ ڀرپاسي ۾ ٿورو اثر ٿي سگهي ٿو، جتي تيز هوائون ۽ آنڌاري اچي سگهي ٿي ۽ هلڪي برسات جو به امڪان آهي پر سنڌ جي ٻين علائقن تي هن سسٽم جو ڪو خاص اثر نه پوندو.
انجم نذير ٻڌايو ته 16 کان 18 اپريل دوران اسلام آباد، مري، گليات ۽ ويجهن علائقن ۾ تيز برسات ۽ ڳڙو پوڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته جابلو علائقن ۾ برفباري به ٿي سگهي ٿي.
You might also like