سنڌ جي عوام لاءِ خوشخبري، سکر کان شڪارپور تائين پيپلز بس سروس شروع ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمن ايندڙ هفتي کان سکر کان شڪارپور تائين پيپلز بس سروس شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
سينيئر وزير شرجيل ميمن جي صدارت هيٺ ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ کاتي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مختلف فيصلا ڪيا ويا.
ترجمان موجب شهرين کي بهتر سفري سهولتون فراهم ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته نون روٽن ۽ عورتن لاءِ خاص قدمن تي به غور ويچار جاري آهي.
ٽرانسپورٽ کاتي جي ترجمان موجب سکر کان شڪارپور تائين پيپلز بس سروس شروع ڪرڻ ۽ سکر ۽ حيدرآباد ۾ عورتن کي پنڪ اسڪوٽيز ڏيڻ جون تقريبون به جلد ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.