ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ شرميلا فاروقي چيو آهي ته ڪراچي ۾ رهڻ ائين آهي جيئن پيرس ۾ رهڻ.
شرميلا فاروقي تازو هڪ نجي ٽي وي چينل جي شو ۾ شرڪت ڪئي، جنهن ۾ ميزبان هڪ سيگمينٽ دوران کانئس دلچسپ سوال ڪيا.
سيگمينٽ ۾ خالي جاين کي ڀرڻو هو، ميزبان سوال ڪيو ته ڪراچي ۾ رهڻ ائين آهي جيئن؟
جواب ۾ شرميلا فاروقي ٿوري دير سوچڻ کانپوءِ وراڻيو ته ڪراچي ۾ رهڻ ائين آهي جيئن پيرس ۾ رهڻ.
اهڙي ريت هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ پ پ اڳواڻ چيو ته مان سياست ڇڏي سگهان ٿي پر ڊراما ڏسڻ نه، شوق سان ڊراما ڏسندي آهيان.
You might also like