لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پي ايس ايل ڇڏيندڙ زمبابوي جي بليسنگ مزارباني خلاف ڪارروائي ڪندي مٿس پي ايس ايل ۾ شرڪت تي ٻه سال پابندي لڳائي ڇڏي.
پي سي بي موجب مزارباني پاڪستان سپر ليگ جي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي، هن پي ايس ايل سان معاهدو ڪرڻ کانپوءِ آءِ پي ايل ۾ شموليت اختيار ڪئي.
پي سي بي چيو ته پيشيوراڻي ڪرڪيٽ اعتماد ۽ معاهدن تي خاطري تي قائم آهي، فرنچائز ليگن ۾ پيشيوراڻي گهرج اها آهي ته شرڪت ڪندڙ شفافيت ۽ تسلسل سان ڪم ڪن.
پي سي بي موجب اها پابندي پي ايس ايل جي پيشيوراڻي ماحول جي تحفظ لاءِ ضروري قدم آهي، اها ڳالهه اهم آهي ته معاهدن جو احترام ڪيو وڃي ۽ سڀئي رانديگر ۽ ايجنٽ ٽورنامينٽ جي وقار موجب ڪم ڪن.
Next Post
You might also like