ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا ۽ ميزبان فضا علي تازو وائرل آن ايئر لمحي تي ٿيندڙ تنقيد کانپوءِ خاموشي ٽوڙي ڇڏي.
سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ ان ڪلپ تي سخت ردعمل سامهون آيو، جنهن کانپوءِ فضا علي وضاحتي بيان جاري ڪيو آهي.
هن پنهنجي بيان ۾ چيو ته هو لمحو هلڪي ڦلڪي انداز ۾ اوچتو پيش آيو، ان عمل پويان ڪنهن به قسم جي نامناسب نيت شامل نه هئي پر اهو رڳو هڪ قدرتي ۽ دوستاڻو ردعمل هو.
فضا علي چيو ته مان ڏسندڙن جو احترام ڪندي آهيان ۽ اڳتي به انهن ئي اصولن کي نظر ۾ رکندي پنهنجو ڪيريئر جاري رکنديس.
واضح رهي ته فضا علي تازو پنهنجي مارننگ شو ۾ مڙس کي دعوت ڏني هئي، شو دوران فضا علي جي ڌيءُ به پروگرام ۾ موجود هئي، جنهن اعجاز خان کي فرمائش ڪئي ته ڇا توهان ماما کي لائيو شو ۾ به ائين کڻي سگهو ٿا، جيئن گهر ۾ کڻندا آهن.
جنهن تي اعجاز فوري طور تي فضا کي لائيو پروگرام دوران پنهنجي ڪُلهي تي کنيو، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.
You might also like