بولڊ ۽ رومانوي تصويرون شيئر ڪرڻ بنا به سالگرهه ملهائي سگهجي ٿي: سنتيا مارشل تي تنقيد

اداڪارا سنيتا مارشل تازو پنهنجي سالگرهه ملهائي، جنهن جون تصويرون هن سوشل ميڊيا تي مداحن سان شيئر ڪيون.
هڪ تصوير ۾ اداڪارا پنهنجي مڙس سان گڏ رومانوي انداز ۾ نظر آئي، جڏهن ته ٻي تصوير ۾ هوءَ ڪيڪ جي سامهون بيٺل نظر اچي رهي آهي.
تصويرون سامهون اچڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي واهپيدارن جو مليل جليل ردعمل سامهون آيو آهي.
ڪجهه واهپيدارن ان جي خوشي جي لمحن کي ساراهيو ته ڪيترن ئي وري تنقيد ڪندي چيو سالگرهه ملهائڻ لاءِ اهڙي نوعيت جون بولڊ يا رومانوي تصويرون شيئر ڪرڻ ضروري نه هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.