ڪاروباري هفتي جي پهرئين ڏينهن سون سستو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪاروباري هفتي جي پهرئين ڏينهن سون جي اگهه ۾ لاٿ ٿي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 1600 رپيا لاٿ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت 4 لک 95 هزار 362 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون هڪ هزار 371 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 24 هزار 693 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 16 ڊالر گهٽجڻ سان 4730 ڊالر في اونس آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.