واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران سان جنگبندي برقرار آهي، ناڪابندي ڪري رهيا آهيون، ايران پنهنجو تيل نه کپائي سگهندو.
ميري لينڊ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ايران ايٽمي هٿيار به نه ٺاهي سگهندو، ايران جي صورتحال هن وقت تمام بُري آهي، اسان ايران جي فوج تباهه ڪري ڇڏي، نيوي سمنڊ ۾ ٻوڙي ڇڏي.
هن چيو ته ايران سان 21 ڪلاڪن تائين ڳالهيون ٿيون، اها پرواهه ناهي ته ايران ڳالهين ۾ واپس اچي ٿو يا نه.
هوڏانهن ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽرٿ سوشل تي ڪيٿولڪ عيسائين جي پيشوا پوپ ليو جي جنگ مخالف بيانن تي تنقيد ڪئي.
هن چيو ته ڏوهه جي معاملي ۾ پوپ ليو ڪمزور آهي، پرڏيهي پاليسي جي معاملي ۾ پوپ ليو خوفناڪ آهي.
Next Post
You might also like