بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين آبناءِ هرمز جي ناڪابندي بابت آمريڪي صدر جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته ڌريون صبر کان ڪم وٺن.
چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب اسلام آباد ڳالهيون صورتحال بهتر بڻائڻ لاءِ هاڪاري قدم آهي، اميد ته ڌريون جنگبندي جي مڪمل پاسداري ڪنديون ۽ ڇڪتاڻ وڌڻ نه ڏينديون.
ترجمان چيو ته چين توانائي جي تحفظ ۽ فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ لاڳاپيل ڌرين سان سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهي، اهم آبي لنگهن کي محفوظ، مستحڪم ۽ بنا رنڊڪ جاري رکڻ عالمي برادري جي گڏيل مفاد ۾ آهي، موجوده حالتن ۾ صبر ۽ ذميواراڻو رويو ضروري آهي ته جيئن خطي ۾ امن برقرار رکي سگهجي.
You might also like